سچل سچ هي سارا

سچل سچ هي سارا

سچل سچ هي سارا

سچل سچ هي سارا (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سچل سرمست جي شاعريءَ جي اردو ترجمي ۽ ترتيب تي مشتمل آهي، جيڪو ترجمو سنڌي زبان جي نامياري اديب آغا سليم ڪيو آهي. ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ جي اڳوڻي سيڪريٽري احمد بخش ناريجي جي ابتدائي ٻن اکرن (عرض ناشر) کانپوءِ آغا سليم، سچل سرمست جي فڪر ۽ فهم تي ’گهونگهٽ کولنا، هنس هنس بولنا‘ عنوان هيٺ روشني وڌي آهي. ان بعد سچل جي ڪلام جو هيٺين ترتيب موجب ترجمو پيش ڪيو ويو آهي (ترجمي سان گڏ اصل سنڌي متن به ڏنو ويو آهي):
(1) حمد، (2) لغت، (3) اپني متعلق، (4) ريخته، (5) ڪافيان، (6) ابيات اور وائيان: (i) وحدت، (ii) حقيقت، (7) سسئي، (8) نوري، (9) مارئي، (10) مومل رانو، (11) پورب، (12) جوگ، (13) هير رانجها، (14) روجهون ڪي متعلق، (15) سارنگ، (16) مالڪوس.
هيءُ ڊيمي سائيز جو 309 صفحن، آرٽ پيپر ۽ پڪي جلد سان ڪتاب، ثقافت کاتي حڪومت سنڌ، آگسٽ 2010ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 300 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو